لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪنهن شخص ڪجهه ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ٿينداسين. تفصيل موجب مسلم ليگ ق جي صدر ۽ اڳوڻي عبوري وزيراعظم چوڌري شجاعت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته الله جو شڪر آهي جو اسان جي مٿان ڪو الزام ثابت ناهي ٿيو. جيڪڏهن اسان جي ڪنهن ماڻهو ڪجهه ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ٿينداسين. هن چيو ته اين آر او کان پوءِ مون کي پرويز مشرف ٻڌايو ته مون لکيل اين آر او کي رڳو پڙهيو آهي. مون پڙهيو ته صدر صاحب اسان جي پنجن سالن جي پريڊ ڪڍي ڇڏيو. هن چيو ته چونڊن اڄ ٿين يا سڀاڻي اسان کي ڪا به پرواهه ناهي. ان موقعي تي پنجاب اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو ته سال 2011ع ۾ ڏکڻ پنجاب جي ڳالهه ڪئي هئي.