جيڪڏهن اسان جا 16 مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪراچي رهڻ جي لائق نه رهندو: مصطفيٰ ڪمال
April 18, 2017 at 8:36 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(رپورٽر) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جا 16 مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪراچي رهڻ جي لائق نه رهندو. ڪرچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جا ڪارڪن حقن جي حاصلات لاءِ 13 ڏينهن کان روڊن تي ويٺل آهن. هن چيو ته اسان جا ڪارڪان عوام جي حقن جي لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن.