ڪوٽ مومن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏئي اسان ان کي عزت نه ڪنداسين. ڪوٽ مومن ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پاڪستان جي وڏن وڏن وڪيلن چيو آهي ته نواز شريف کي هڪ اقامي جي بنياد تي ڪڍڻ جو فيصلو درست ناهي. هن چيو ته نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان ڪڍي رهيا آهن، مڃون ٿا ته ڪا ڪرپشن ناهي، نه نواز شريف ڪو ٺيڪو کنيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف ڪرپشن نه ڪئي ته ڇو ڪڍيو، ايتريون وڏيون ناانصافيون ڇو ٿي رهيون آهن، ڇا سرڪاري ناڻي ۾ گھوٻيون ڪيون هئون. سندس چوڻ هو ته پاڻ درخواست داخل ندڙ عمران خان چيو ته نواز شريف خلاف فيصلو ڪمزور آهي، ٻُڌايو ته هاڻي ان فيصلي جي ڇا حيثيت آهي، وزيراعظم هائوس مان ڪڍيو، اتي به نه بيٺا، انهيءَ فيصلي جي بنا تي ن ليگ جي صدارت تان هٽائي ڇڏيو. نواز شريف چيو ته پهريئن فيصلي جي ڪري پاڪستان جي ڪروڙين ووٽرن جي توهين ٿي، سندن ووٽ پنج ماڻهو ڦاڙي اُڇلي ڇڏن، ڪروڙين ووٽرن جي ڪا پرواهه ناهي، پُڇان ٿو ته توهان جي ووٽ جي پاڪستان ۾ عزت ٿيڻ گھرجي يا نه، ووٽ کي عزت ڏيو، قوم فيصلو ڪري ورتو آهي جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏيندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مون وِک وڌائي آهي، توهان کي منهنجي وِک سان وِک گڏائي هلڻو آهي، پاڪستان مصيبتن مان ٻاهر نڪرندو ۽ خوشحال ٿيندو، اڄ لوڊشيڊنگ دم ٽوڙي رهي آهي، چيو هو دهشتگردي ختم ڪندا سين ۽ ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته اڄ ٻيهر ملڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ ۽ ان کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جيڪو رويو پاڪستان سان ٿي رهيو آهي اهو ذيادتي آهي، شاهد خاقان عباسي جو ان ۾ ڪو قصور ناهي، قصور انهن جو آهي جن فيصلو ٻُڌايو ۽ ملڪ کي ڏڦيڙ جو شڪار ڪري ڇڏيو. ن ليگ جي قائد وڌيڪ چيو ته مون کي صدارت تان هٽايو ويو، ڇا توهان کي اهو فيصلو منظور آهي؟ اهو معاملو ڌانڌلي ڏانهن وڃي رهيو آهي، سڀ کان وڏي پارٽي سان اهو سلوڪ ٿي رهيو آهي، يقين آهي عوام ان کي ناڪام بڻائيندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سان محبت ڪندڙ ۽ حق تي ڄمي بيهڻ وارو انسان آهيان، پوئتي هٽڻ وارو ناهيان، اڄ پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ماڻهو سلوڪ ڪري رهيا آهن اهو اسان روڪيندا سين. نواز شريف چيو ته هاڻي سوچيو پيو وڃي ته نواز شريف کي سياست مان آئوٽ ڪري ڇڏيو، اهي آئوٽ ڪري رهيا آهن ۽ عوام اِن ڪري رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه جيڪو نوازشريف ۽ ن ليگ خلاف ٿي رهيو آهي اهو سڀ توهان کي قبول آهي؟ اسان کي ان خلاف وڙهڻو آهي، اسان اها جنگ کٽينداسين، اها جنگ کٽڻ تمام ضروري آهي، اها ملڪ جي سلامتي جي جنگ آهي، توهان منهنجو ساٿ ڏيو، جئين پهريان واعدا پوريا ڪيا اڳتي به گڏجي سمورا واعدا پورا ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اهو سفر ٿورو ڏکيو آهي، آئون به برداشت ڪري رهيو آهيان، عوام کي به مون سان گڏ ٿورو برداشت ڪرڻو پئي ته ڪري، ملڪ کي منزل تائين پهچائڻ جو اهو ئي سفر آهي، ان ۾ اسان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو آهي، اڄ قوم تيار ٿيندي نظر اچي رهي آهي.