جيڪو مطيع الله سان ٿيو اُهو اسان سان به ٿي سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

بارا ڪهو(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪو صحافي مطيع الله جان سان ٿيو آهي اُهو سڀاڻي اسان سان به ٿي سگهي ٿو.تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافي مطيع الله جان سان بارا ڪهو ۾ سندس گهر پهچي ملاقات ڪئي.بلاول ان موقعي تي سينيئر صحافي مطيع الله جان جي اغوا ۽ تشدد جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ ميڊيا جي آزادي لاءِ وڙهي آهي، اسان جمهوريت ۽ پريس جي آزادي تي اهڙا حملا قبول نٿا ڪيون.هن چيو ته جيڪو صحافي حڪومت تي تنقيد ڪري ان کي نوڪري مان ڪڍڻ افسوس جوڳو آهي، مطيع الله جان جو واقعو اسان جي آئين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيستائين آئين ۽ انساني حقن جو تحفظ نه ٿيندو مسئلا حل نه ٿيندا.بلاول ڀٽو چيو ته توهان مطيع الله جان جي ڳالهه پسند نٿا ڪيو پر توهان هن کان ڳالهائڻ جو حق نٿا کسي سگهو، اسان جمهوريت ۽ پريس جي آزادي تي اهڙا حملا قبول نه ڪنداسين، جيڪو اڄ مطيع الله جان سان ٿيو آهي سڀاڻي اِهو سڀ توهان ۽ مون سان به ٿي سگهي ٿو.بلاول چيو ته جهڙي طرح مطيع الله جي پٽ ٽي وي تي ڳالهيون ڪيون اسان حيران ٿي آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *