جيڪب آباد ۾ 45 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي؛محمد اسلم ابڙو

جيڪب آباد(ڊ.ر)مسلم ليگ ن جي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات محمد اسلم ابڙو چيو آهي ته جيڪب آباد ۾ 45 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جا 1 ارب روپيا ڪيڏاهن ويا ڪا خبر ڪونهي، پي ڊي ايم اي جو امدادي سامان به هڙپ ڪيو ويو آهي، مايوس عوام کي نيب جي آمد تي خوشي ٿي آهي، جلد ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ ويندا ۽ نااهل به ٿيندا ٽڪي ٽڪي جو حساب ٿيندو، اهڙي خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، محمد اسلم ابڙو وڌيڪ چيو ته عوام 2013ع جي عام چونڊن ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ 2008ع  کان وٺي ڪرپشن ڪندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪب آباد جي مايوس عوام کي نيب جي آمد تي خوشي ٿي آهي، نيب کي شهرين درخواستون ڏنيون هيون جن تي ڪارراوائي شروع ٿي وئي آهي، جنهن ڪرپشن ڪئي آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ حساب ورتو وڃي سن 2000ع ۾اهي ماڻهو ڇا هئا هاڻي انهن وٽ ايتريون ملڪيتون ڪٿان آيون، ڪرپشن ڪندڙ نااهل ٿيندا هاڻي اهي ٺل ۽ ڳڙهي خيرو ڀڄي رهيا آهن ۽ سوچن ٿا ته پئسن سان ووٽ خريد ڪري وٺندا پر اها انهن جي ڀل آهي عوام اسان سان گڏ ۽ اسين عوام سان گڏ بيٺا آهيون، 2018ع جي چونڊن ۾ سموريون سيٽون کڻنداسين. هن چيو ته هڪ روڊ جي تعمير چئن کاتن ڪئي تعليم،صحت،ورڪس ۽ سروسز سميت سمورا کاتا ڪرپش زده بڻجي ويا آهن هن چيو ته نيب سان سهڪار به ڪنداسين ۽ انهن کي ثبوت به ڏينداسين، جيڪب آباد شهر 15 سال اڳ ڇا هو ۽ هاڻي شهر جي ڪهڙي حالت ڪئي وئي آهي ڏک ٿيندو آهي، ڪاري ڪامڻ جي انجيڪشن مريض کي نه ٿي ملي ڏوهارين کي نوڪريون ڏنيون ويون يو ايس ايڊ پاران جوڙايل جمس اسپتال کي به تباهه ڪيو ويو شهر لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين جهاد ڪري رهيا آهيون خاموش نه ويهنداسين. نواز ليگ جي ضلعي صدر محمد اڪرم ابڙو چيو ته جيڪب آباد کي ملندڙ 45 ارب روپين جا فنڊ ايم اين اي، ايم پي اي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪيا آهن اهي شهر جا دشمن آهن پيئڻ جي مٺي پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪال جي منصوبن ۽ شهر کي تباهه ڪيو ويو شهرين جو سڪون کسيو ويو آهي، گدلاڻ واري پاڻي سبب شهري ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن روز لاش کڻي رهيا آهن ڪرپٽ حڪمرانن کي خدا جو خوف نه آهي هي چاهين ٿا ته ماڻهو شهر ڇڏي وڃن، شهرين کي اميد آهي ته نيب ڪرپشن ڪندڙ کي جيل ڀيڙو ڪندي 2008ع کان اڳ جيڪو شخص ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هو اڄ انهي جي دبئي ۾ ملڪيت آهي ۽ ڪراچي ۾ اربين روپين جا بنگلا آهي، ايم پي اي جيڪب آباد اورنگزيب پنهور کي جيڪو فنڊ مليو اهو ڪيڏانهن ويو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي 21 مارچ تي نيب جي حمايت ۾ ريلي ڪڍنداسين. ان موقعي تي سردار سجاد بليدي، محمد امين ڪيهر ۽ ٻيا موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *