جيڪب آباد ۾ ٿيليسميا سينٽر بند، مريض ٻارن جي وارثن سميت شهرين جو تاريخي احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد ۾ ٿيليسميا سينٽر بند، مريض ٻارن جي وارثن سميت صحت کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ سخت نعريبازي، مريضن جي سيشن جج سان ملاقات، پٽيشن داخل، ڊي ايڇ او دالت طلب، هڪ به ٻار مئو ته 302 جو ڪيس توهان تي هوندو، جج ڊي ايڇ او تي ڪاوڙجي پيو، سيڪريٽري صحت ۽ ڊي سي کي نوٽيس جاري. تفصيل موجب جيڪب آباد ۾ ٿيليسميا سينٽر جي بند ٿيڻ خلاف ٻارن مريضن جي وارٿن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري صحت کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين شهر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندا پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي. ان موقعي تي عبدالقيوم، جاويد پٺاڻ، رحيم بخش جمالي، صابر ٽالاڻي ۽ ٻين چيو ته ٿيليسميا سينٽر کي سنڌ حڪومت پاران فنڊز جاري نه ڪرڻ تي جيڪب آباد ۾ الحسيني وارن ٿيليسميا سينٽر بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب 500 مريضن جي زندگي دائو تي لڳل آهي. جڏهن ته رت نه ملڻ 7 علاج نه ٿيڻ سبب ٻارن مريضن جي طبعيت بگڙندي وڃي پئي ۽ ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪونهي. صحت کاتي پاران علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ بجاءِ معصوم مريضن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن جنهن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا. ان بعد مظاهرين سيشن ڪورٽ پهتا جنهن تي سيشن جج منور لوڌي مريض ٻارن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ وارثن جي درخواست تي جج ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسماعيل ماڪ کي عدالت طلب ڪري ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪ ڏيندي چيو ته مريضن جو علاج ڇو نه ٿو ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪوبه ٿيليسميا جو مريض ٻار فوت ٿي ويو ته توهان تي 302 جو ڪيس داخل ڪيو ويندو جنهن تي ڊي ايڇ او پاران ٿيليسميا جي مريضن کي علاج جي خاطري ڪرائي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *