جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ ضلعي صدر طارق انڙ هائوس تي ڪنوينشن،حليم عادل شيخ، عارف علوي ۽ ٻيا شريڪ
February 12, 2017 at 11:26 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
جيڪب آباد( ڊر) جيڪب آباد پي ٽي آءِ ضلعي صدر طارق انڙهائوس تي ورڪر ڪنوينشن تقريب رکي وئي جنهن ۾صوبائي صدر، عارف علوي ،۽ صوبائي نائب صدر، حليم عادل شيخ،تقريب کي خطاب ڪيو، خبر موجب،جيڪب آباد پي ٽي آءِ ضلعي صدر طارق انڙهائوس تي ورڪر ڪنوينشن تقريب رکي وئي، جنهن ۾صوبائي صدر،عارف علوي ،۽ صوبائي نائب صدر، حليم عادل شيخ،سنيئر نائب صدر،جاويد عواڻ،ڊپٽي انفارميشن سيڪٽري سنڌ،سردار شريف خان بليدي،مير شجاع خان پهنور، ۽ پي ٽي آءِ جي سوين ٽائيگرن شرڪت ڪئي، ۽ ان موقعي تي تقريب کي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته انشاالله 2018۾ جيت تحريڪ انصاف جي هوندي ۽ هاڻي سان اسان تحريڪ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ،جيڪب آباد جيان پوري سنڌ ۾ پي پي وارن عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي سو هاڻي عوام سڄاڳ ٿي وئي آهي،پناما معاملو به حل ٿيڻ واروآهي، هاڻي انهن لٽيرن کي هتان شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍنداسين جيڪب آباد شهر واسين سان ناانصافيون ٿين ٿيون سو اسان کي خبر آهي جيڪب آباد جا روڊ رستا ،ڪرپشن جي ور چڙيل آهن، ايجوڪيشن،تباه آهي ۽ صيحت جي سهولت ڪونه پئي ملي اسان هتان جي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي چئون ٿا ته هتان جي غريب ماڻهن جي مدد ڪيو۽ انهن جا ننڍا وڏا مسعئلا حل ڪيو جتي توهان کي اسان جي زرورت پئي اسان توهان سان گڏ هوندا سين، ۽ اسان جو ضلعي صدر،طارق انڙ، توهان سا هر معاملي ۾ گڏ رهندو.