جيڪب آباد (ڊ.ر) جيڪب آباد ۾ پراڻي بس اڏي جي ٽرانسپورٽرن پاران سٽي پوليس جي زيادتين خلاف حافظ عبدالغفار جکراڻي، آزاد اوڍو، اسد علي اوڍو،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو ، خبر موجب ؛ جيڪب آباد پراڻي بس اڏي سنڌ بلوچستان ٽرانسپورٽرن پاران سٽي پوليس جي مبينه ذيادتين خلاف حافظ عبدالغفار جکراڻي، آزاد اوڍو، اسد علي اوڍو، محبوب علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪڍيوويو جيڪو شهر جي مختلف رستن کان ٿيندو ڊي سي چوڪ تي پتا جت ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي جٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سٽي ٿاڻي جيڪب آباد جي پوليس بنا ڪنهن جواز جي بس ڪلينڊر حبيب الله بگھٽي مٿان تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا هنن چيو ته سٽي پوليس بس اڏي ۾ ڪافي عرصي کان بس جي ڊرائيورن ڪلينڊرن ۽ مسافرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي جنهنجي اسان ڪيرائي ڀيرا پوليس جي اعلي اختيارن کي شڪايتون ڪيون آهن پر هن محل تائين ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو هنن مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير سٽي پوليس جي ذيادتن جو نوٽس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ بلوچستان ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي،