جيڪب آباد (رپورٽر)جيڪب آباد ۾ مسلمان ٿيڻ بعد پسند جي شادي ڪندڙ ناري مهڪ ڪماري جو عدالت ۾ بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو، پوليس نوجوان علي رضا سولنگي کي پيش نه ڪيو، ناريءَ جي پيشيءَ جي موقعي تي وارثن ۽ هندو برادري جو عدالت ٻاهران احتجاجي ڌرڻو، ناري مھڪ ڪماري (عليزا) کي جيڪب آباد پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد نوجوان علي رضا سولنگي کي پوليس پيش نه ڪيو، نوجوان جي پيش نه ٿيڻ سبب 164 جا بيان نه ٿي سگھيا، عدالت سڀاڻي 12هين وڳي تائين جوابدار علي رضا کي پيش ڪرڻ لاءِ پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، بيان نه ٿيڻ بعد ناري کي ٻيھر پوليس حوالي ڪيو ويو، ڊي سي چوڪ ۽ عدالت ٻاھران مڇريل ھندو برادري احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ ھندو شاگردياڻي مھڪ جا والدين شريڪ ٿيا، ڊي سي چوڪ تي لڳل ڌرڻي ۾ ايس ايس پي بشير بروهي پھتو ته مظاھرين ڳالھيون ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، پوليس عملدار مايوس ٿي واپس هليا ويا.