جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد ۾ عشر زڪوات جا 1673 گذارا الائونس جا ڪارڊ ۽ 77 غريب مستحقن جي ڏاج فنڊز ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو انڪشاف، نيب پاران جاچ جو حڪم. تفصيل موجب جيڪب آباد ۾ زڪوات عشر پاران جاري ڪيل 1673 گذارا الائونس ڪارڊ ۽ 77 غريب مستحقن جي ڏاج فنڊز ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. اهڙي انڪشاف کانپوءِ نيب جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ مختيارڪار آفيس ۽ عشر زڪوات ڪميٽي جي عملي گذارا الائونس ڪارڊ حاصل ڪندڙن جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ۽ گذارا الائونس ڪارڊ حاصل ڪندڙ عورتن کي آفيس ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ تمام معلومات ورتي وڃي پئي. ٻي پاسي زڪوات عشر پاران ڏاج فنڊز ۾ ٿيندڙ مبينه ڪرپشن جي به جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن کان وڌيڪ اهو به معلوم ٿيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عشر زڪوات ڪميٽي پاران جاري ڪيل گذارا الائونس ڪارڊ غير مستحق ماڻهن کي ڏنا ويا آهن. جڏهن ته گذارا الائونس ڪارڊ ورهائڻ ۾ به بدعنواني ڪندڙن خلاف حيدرآباد سان تعلق رکندڙ هڪ عورت جي درخواست تي نيب سڄي سنڌ ۾ جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنن بعد سڄي سنڌ جي ضلعن ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.