جيڪب آباد (ڊر)جيڪب آباد پي پي شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضي ڀٽو جي قتل ۾ انصاف نه ملڻ خلاف صوبائي اڳواڻن سميت ضلعي اڳواڻن۽ سوين ڪارڪنن جو احتجاج انصاف مارچ ۽ انصاف جو علامتي جنازو ڪڍي سخت احتجاج ڪري ڊي سي، چوڪ کان مارچ ڪري قومي شهراه تي ڌرڻو هنيو،خبر موجب،پي پي شهيد ڀٽو پاران مير مرتضي ڀٽو جي قتل ۾ انصاف نه ملڻ خلاف صوبائي اڳواڻ،علي احمد پليپوٽو،مجيد سيال،يونس ڀان،صدرالدين مغيري، ليڊيز ونگ صدر فيروزا لاشاري، ضلعي اڳواڻ نديم قريشي، ايڊوڪيٽ،احمد علي کوسو،۽ سوين ڪارڪنن جي اڳوڻي ۾انصاف علامتي جنازو ڪڍي انصاف ريلي ڪڍي وئي جيڪا پيدل مارچ ڪندي ڊي سي چوڪ سخت نعريبازي ڪندي قو مي شهراه نيشنل هاءِ وي تي پهتي جتي علامتي جنازو رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن ڪري ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون ان موقعي تي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته 20 سالن کان اسان انصاف گهري رهيا آهيون اسان کي انصاف ڪونه پيو ملي اگرمير مرتضي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر نه کوليو ويو۽ مير جي قتلن کا ڦاهي نه چاڙهيو ويو ته هن انصاف مارچ جو دائرو وڌايو ويندو ۽ پوري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسو شروع ڪيوويندو اسان کي مير جي قتل جو انصاف کپي.