جيڪب آباد ۾ سوين ماڻهو رستن تي نڪري آيا: راڄ واهه تي قائم دڪان ۽ گهر ڊاهڻ لاءِ نوٽيس واپس وٺڻ جو مطالبو

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي سڏ تي مختلف تنظيمن جو راڄ واھ واسين جي دڪان ۽ گھرن کي ڊاهڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ۽ ڌرڻو، راڄ واھ جي ٻنهي ڪپرن تي ورھين کان قائم سوين دڪانن ۽ گھرن کي ڊاهڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ خلاف مختلف سياسي، سماجي، واپاري ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن پاران وڏو جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نديم قريشي، علامه مقصود ڊومڪي، حاجي غلام نبي رند، احمد علي بروهي، سريچند ڀاوناڻي ۽ ٻين چيو ته راڄ واھ آبپاشي کاتي جو آهي ئي نه، ان جا اسان وٽ ڪاغذات موجود آهن پر ان باوجود به آبپاشي کاتي وارن نوٽيس جاري ڪيا آهن، راڄ واھ ڪچي آبادي ۾ اچي ٿو ۽ راڄ واھ واسين وٽ ان جا کاتا به موجود آهن. نوٽيس جاري ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته گھر ۽ دڪان ڊاھڻ لاءِ ڏنل نوٽيس واپس ورتا وڃن ٻي صورت احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي ۽ قانوني جنگ پڻ وڙهي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *