جيڪب آباد (اسٽوري يوسف رند وٽان) جيڪب آباد ۾ زبون حالت عمارتن جي تعمير ۽ مرمت رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار اڌورا ڪم ڇڏي غائب، شاگردن جي تعليم متاثر ۽ زندگيون داءُ تي، صفائي جو انتظام ناقص، ضلعي انتظاميه خاموش بڻيل. تفصيل موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ سنڌ حڪومت جي هدايت باوجود زبون حالت تعليمي ادارن جي تعمير ۽ مرمت مڪمل نه ٿي سگهيا. ٺيڪيدار اڌ ۾ ڪم ڇڏي غائب ٿي ويا. جنهن جي ڪري زبون حالت اسڪولن ۾ زير تعليم شاگردن جي تعليم متاثر ۽ زندگيون داءُ تي لڳل آهن ۽ ڪنهن به وقت ناخوشگوار واقعو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته شهر جي واقع ڪي.جي گرلز هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي عمارت کي 5 سال گذرڻ باوجو مڪمل ٿي نه سگهيا آهن. ۽ سيڪنڊري اسڪول جي عمارت ۾ بجلي جي فٽنگ ناهي ڪئي وئي ۽ اسڪول جي مرڪزي گيٽ انتهائي زبون حالت ۾ آهي جيڪو ڪنهن وقت به ڊهي سگهي ٿو. اسڪول جي بيت الخلاء جي عمارت به زبون حالت هجڻ ڪري صفائي جو انتظامات انتهائي ناقص آهن. جڏهن ته هتان جي تعليمي ادارن جي حالت تمام خراب آهي. ۽ واسطيدار آفيسرن جي لاپرواهي قابل افسوس آهي. هوڏانهن استادن جي تنظيمن، شاگردن ۽ والدين چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته چئن مهينن کان اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم بند ٿيل جلد شروع ڪرائي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن شاگردن جون تعليمي سرگرميون ٻيهر بحال ٿي سگهن.