جيڪب آباد ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون. جڏهن ته جيڪب آباد ايڪشن ڪاميٽي جي عابد سنڌي، محمد حسن ٽالاڻي، جسقم جي غلام سرور مستوئي، منان سنڌي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، علي محمد عوامي پارٽي جي دلمراد لاشاري، بلاول دشتي، بابل لهڙي، سماجي اڳواڻ لالا مصطفي پٺاڻ، لالا سمير پٺاڻ، سارنگ خان رند جي قيات ۾ ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙن سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي شهر جي مختلف رستن جو مارچ ڪيو ۽ سنڌي قومي گيتن تي رقص ڪندا رهيا ۽ جوش ۾ نعرا هڻندا ڊي سي چوڪ تي پهتا جتي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت قديم ۽ عظيم آهي باقي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ثقافت کي اجاگرڪرڻ آهي ڇو ته ثقافت قومن جي سڃاڻ هوندي آهي ۽ ثقافت جي ڏينهن کي عيد جي ڏهاڙي وانگر ملهائڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *