جيڪب آباد (رپورٽ؛ محمد رمضان ابڙو)جيڪب آباد ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ڪافي عرصي کان ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي،انجينيئر الطاف ڀرڳڙي پاڻ کي سادو سڏرائي ڪرپشن رهيو آهي،۽ هڪ سال معطل ٿيڻ کان پوءِ ڪرپٽ ٽينڊر ڪلارڪ غلام حيدر گونانگ، وري ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڻڻ موٽي آيو ۽ سندس سان گڏ ٻانهن ٻيلي بڻيل ڪلارڪ، مشتاق ظفر قاضي، جيڪو آفيس جو ڪم به سنڀالي ۽ هنن جي ڪيل ڪرپشن کي رومال سان ڍڪي ٿو، گورنمينٽ جي پئسي کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ جي ماهر ۽ اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ غلام حيدر گوپانگ. کي هڪ ڀيرو ٻيهر مٿي ويٺل ان جا آڪا ان کي بحال ڪرائي ان کي ٻي چارج ڪنڌڪوٽ جي به ڏئي ڇڏي، ڇو جو سوا ارب روپين جا ٽينڊر جو ٿيڻا آهن، سو هن ڪرپشن جي ماهر کان سواءِ ٿي به ڪونه ٿا سگهن، پاڻ کي سادو سڏرائڻ ۽ سادو سمجهي مال کائڻ جو ماهر مشتاق قاضي، سوا ارب روپين جي ٽينڊرن جي تياري ۾ مصروف آهي، گوپانگ، ۽ مشتاق قاضي، کي ايجوڪيشن مان نه هٽرايو ويو ته 2010،2014،2015 جي ڪمن وانگر اسڪولن جا ڪم اڌهورا رهجي ويندا، غلام حيدر گوپانگ ،ايجوڪيشن ورڪس ۾ ڪجهه سالن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي هن کي هاڻ ته ڄڻ ڪو ڪرپشن ڪرڻ جو سرٽيفيڪيٽ ملي ويو آهي،ايجوڪيشن ورڪس ۾ هاڻ به ٻه ڪروڙن جي پيمٽ ڪئي وئي آهي انهن ڪمن جو جائزو ورتو وڃي ته ڇا اهي ڪم ٿي رهيا آهن يا نه،انجنيئر الطاف ڀرڳري،غلام حيدر،مشتاق قاضي،پنهنجي ڪميشن وٺي ڪم کي رولي ڇڏيو آهي، هنن ڪرپٽ تري مورتي جي حوالي سوا ارب جون اين آئي ٽيون نه ڪيون وڃن، ڪو نئو انجنيئر مقرر ڪري انهي قوم جي پئسن کي بچايو وڃي.