جيڪب آباد ۾نساسڪ جي نااهلي جوثبوت، ليڊيز بازار ۾ تقريبن 15ڏينهن کان گندي نالين جو پاڻي دڪانن ۾ ڪاهي پيو،خريداري لاءِ آيل عورتون سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳيون

جيڪب آباد (ڊر)جيڪب آباد ۾نساسڪ جي نااهلي جوثبوت ليڊيز بازار ۾ تقريبن 15ڏيهن کان گندي نالين جو پاڻي دڪانن ۾ ڪاهي پيو خريداري لاءِ آيل عورتون ۽ ٻارڙا۽اتان جا دڪاندار سخت پريشان پنهنجي مدد پاڻ نالين جو پاڻي ڪڍڻ تي مجبور،خبر موجب ،ميونسپل جي ناقص ڪارڪردگي کان پوءِ سڄو ڪم نساسڪ حوالي ڪيو ويو پرنساسڪ به ٻو ٽوٻري نه سگهيو شهر جي مک بازار انارڪلي بازار ۾ تقريبن 15 ڏيهن کا نالين جو گندو پاڻي بازار ۾ بيٺو رهيو پر نساسڪ جي عملي ڪا ڪهل نه پئي ويچارا دڪاندار پنهنجي مدد پاڻ نالين جو پاڻي ڪڍڻ تي مجبور آهن دڪاندار مجبورن جناح پريس ڪلب پهچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ميڊيا اڳيان ڌانهيندي چيو ته اسان تقريبن پندرهن ڏينهن کان ٻٽي عزاب ۾ مبطلا آهيو سواسان جي ڌانهن  ڪو به نه ٿو ٻڌي نساسڪ وارا اچي ڏسي ڪري هليا وڃن ٿا اسان پنهنجي مدد پاڻ ڀنگي گهرائي 2000 هزار ڏئي صفائي ڪرائيندا آهيون اسان جي ڌانه آخر ڪير ٻڌندو هتان جا چونڊيل نمائيندا گهري ننڊ ستل آهن ۽ هتان جو ڊپٽي ڪمشنر آگا شاهنواز بابر سڄو ڏيهن پنهنجي موج مستي ۾ رڌل آهي ڇو جو هو هتان جو نه آهي ،هن جو اسان جي شهر سان ڪهڙو ڪم آهي اسان وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيو ته اسان جي ڌانهن فرياد جو نوٽس ورتو وڃي ،۽ نساسڪ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *