جيڪب آباد گوپالي جي ٻارن جوهڪ ٻيو ڪارنامو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ ۾ جھڙي ڪرڻ کان پوءِ ڏينهن ڏٺي جو ڀاءُ جي دوڪان کي ساڙڻ بجاءِ پاڙي واري دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو

جيڪب آباد (ڊ،ر) جيڪب آباد گوپالي جي ٻارن جوهڪ ٻيو ڪارنامو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ ۾ جھڙي ڪرڻ کان پوءِ ڏينهن ڏٺي جو ڀاءُ جي دوڪان کي ساڙڻ بجاءِ پاڙي واري دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو،لعل جي اليڪٽرانڪس جي دوڪاندارکي لکين روپين جو نقصان دوڪان کوليندي ئي مٿو پٽيندي رهيو، خبر موجب؛جيڪب آباد سٽي ٿاڻي جي حد وچ شهر ۾ دوڪان کي باهه، گوپالي جي ٻارن جو هڪ ٻيو ڪارنامو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ ۾ جھڙي ڪرڻ کان پوءِ ڏينهن ڏٺي جو ڀاءُ جي دوڪان کي ساڙڻ بجاءِ پاڙي واري دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو،لعل جي اليڪٽرونڪس جي دوڪان کي باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو نقصان، دوڪاندار دوڪان کوليندي ئي مٿو پٽڻ لڳو، ان موقعي تا سٽي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو،گوپالي جو پٽ اندر پوليس کي ڏسي ڀڄي ويو، اندر جي وڏي ڀاءُ اشوڪ لعل جي دوڪاندار کي نقصان ڀري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي جنهن جو فيصلو پئنچائت جي ڪجھ ماڻهن گڏجي احمد علي بروهي وٽ رکيو فيصلي ۾ لعل جي اليڪٽرونڪس واري دوڪاندار جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي سو اهو گوپالي جو پٽ اشوڪ ڀري ڏيندو فيصلي ٿين کان پوءِ ٻئي دوڪاندار کير کنڊ ٿي ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *