جيڪب آباد ڀرسان 2 معصوم نياڻيون چٽي ۾ ڏيڻ واري فيصلي جو سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو،وڏيرو گم،6 ڄڻا گرفتار

جيڪب آباد ( ڊر) جيڪب آباد جي تعلقه ٺل جي ڳوٺ محمد خان مري، ۾ ڪارنهن الزام جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ محمد هاشم کو سو تي 13 لک چٽي جو حڪم ڏنو ويو،خبر موجب،جيڪب آباد جي تعلقه ٺل جي ڪريم بخش ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محمد خان مري، ۾ ڪارنهن الزام جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ محمد هاشم کو سو تي 13 لک چٽي جو حڪم ڏنو ويو، چٽي نه ڏيڻ جي صورت ۾ڳوٺ جي وڏيري عبدالغارکوسو،سندس متاثر ٿيل محمد هاشم کي گهرائي حڪم ڏنو ته تون فيصلي جي ڀنڃ ڪڙي ڪئي آهي هاڻي توکي هڪ ٻئي چٽي ڀرڻي پوندي جنهن ۾وڏيري چيو ته اسان اهو فيصلو ڪيو آهي ته تنهنجون ٻه نياڻيون،5ساله ثمينه،۽ 8ساله فحميدا، کوسو،کي چٽي۾ ڏنيون وينديون، سو اهو اسان جو حڪم آهي،انکان پوءِ تعلقه ٺل جو رهواسي محمد هاشم سندس ميڊيا اڳيان ڌانهيندي چيو ته مونسا ناانصاي ڪئي وئي آهي، منهجون ٻه نياڻيون سندس زبردستي چٽي ۾ ڏنيون ويون آهن سو مونکي انصاف کپي اها خبرمختلف ميڊيا تي هلڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ نوٽيس روتو،سپريم ڪورٽ جي نوٽيس کان پوءِ آءِجي ،۽ ڊي آءِجي، لاڙڪاڻو، هتان جي ايس ايس پي، کي جرڳو ڪندڙن کي فورن گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، انکا پوءِ حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري سندس ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۽ جرڳو ڪندڙ وڏيرو اڄان تائين گرفتار نه ٿي سگهيوآهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *