جيڪب آباد (ڊ،ر) آپريشن ردالفساد جي دوران جيڪب آباد پوليس ۽ گجھن ادارن جي مشترڪه ڪاوائي 3 دهشتگرد ڌماڪيدار مواد سان گڏ گرفتار وڏي تعداد ۾ بارودي مواد هٿ،خبر موجب؛ جيڪب آباد پوليس ۽ حساس ادارن کي خفيه اطلاع ملڻ تي ته ڪجھ دهشتگرد ڌماڪيدار مواد کڻي گذري رهيا آهن ،اهڙي اطلاع تي ايس ايس پي جيڪب اباد سرفراز نواز شيخ جي هدايت تي ايس ايڇ او ٿاڻه دوداپور پوليس وڏي نفري ساڻ ڪري بلوچستان کان جيڪب آباد ايندڙ هر هڪ گاڏي کي چيڪ ڪيو ويو،تاجو شاخ لڳ 3 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا جنهنجي قبضي مان وڏو بارودي مواد هٿ ڪري ورتو ، گرفتار ملازمان جي شناخت، هنگو خان عرف نوابدين ولد مير محمد عرف شير محمد سندراڻي رهائشي بگٽي ڇٽر چوڪي بلوچستان، بالاچ ولد گل شير بنگلاڻي رهائشي نور واهه تعلقه ٺل، ڪريم ڏنو ولد وارث ڏنو بنگلاڻي ڳوٺ خيرمحمد تعلقه ٺل، پوليس مطابق ٻڌايو ويو ته ملزمان ٻڌايو آهي ته اسين ڪجھ مهينا اڳ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪا ڪيا آهن جنهن ۾ 12فبروري 2015 نورواهه پل جي نزديڪ ريلوي پٽري کي اڏاريو هو ان کان بعد جيڪب آباد کان ڪوئٽه وڃڻ واري ٽرين جي پٽري ڊسٽرڪٽ جيل وٽ جنهن ۾ 3 ٽرين جون بوگيون پٽري تان لهي ويون هيون جنهن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو ،اڄ هي ڌماڪيدار مواد ٻي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته ڪاروائي ڪئي، کيس پوليس ۽ حساس ادارن جي مدد سان ٽنهي دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايس پي سرفرازنواز شيخ جي ڪوشش ۽ حساس ادارن جي مدد سان اهڙي ملڪ دشمن عناصرن خلاف آپريشن ردالفساد جي حوالي سان خاتموآندو ويندو ۽ عوام کي فل تحفظ ڏنو ويندو.