جيڪب آباد پوليس پاران عورتن جي تحفظ لاءِ ضلعي جيڪب آباد ۾ 3 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن:سي ڊي ايف

جيڪب آباد(پ.ر) جيڪب آباد پوليس پاران عورتن جي تحفظ لاءِ ضلعي جيڪب آباد ۾ 3 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار پي ڊي ايس پي ليگل عطا محمد سومرو ڪميونٽي ڊولپمنٽ فائونڊيشن (سي ڊي ايف) پاران رٽگرس پاڪستان جي سهڪار سان ڪرايل هڪ سيمينار ۾ ڪيو، عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪرايل تقريب ۾ هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ عورت پوليس اهلڪار گهٽ هئڻ سبب عورتن طرفان ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، هن چيو ته پوري ضلعي ۾ صرف 10 عورت پوليس اهلڪار آهن، جن مان به 3 کي ٽنهي تعلقن ۾ قائم عورتن جي ڪمپلين سينٽرن تي رکيو ويو آهي ۽ هڪ سينٽر ضلعي پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ متاثر عورتن جي قانوني مدد رهنمائي ڪئي ويندي آهي، هن اپيل ڪئي ته ايندڙ پوليس ڀرتين ۾ عورتن کي وڌيڪ تعداد ۾ ڀرتي ٿيڻ کپي، صحافي اظهر گل سرڪي چيو ته عورت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ مرد جو ڪردار اهميت رکي ٿو، سنڌي ادبي سنگت جي سومرو شبير چيو ته عورتن کي مخصوص صنفي روين کان آزادي ملڻ گهرجي، صحافي عبدالحئي سومرو چيو ته جيڪا عورت گهر هلائي ٿي اها رياست جو ڪاروهنوار به هلائي سگهي ٿي، ڊسٽرڪٽ بار جي ايڊووڪيٽ امداد جمالي، سي ڊي ايف جي محمد جان اوڍاڻو، فردوس خواجه، صائمه گل ميراڻي، نديم بهراڻي، پوجا ڪنگراڻي، هدايت الله لاشاري، گل بليدي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عورتن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪرڻ کپي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *