جيڪب آباد واسي فوجي جوان بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو
December 12, 2024 at 1:07 pmجيڪب آباد واسي فوجي جوان بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.
عبدالستار مستوئي گوادر ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.
پاڪ فوج پاران وارثن کي فوجي جوان عبدالستار مستوئي جي شهادت جو اطلاع ڏنو ويو.
شهيد فوجي جوان جي پيءُ شاهل مستوئي چوڻ آهي ته سندس پٽ هڪ سال کان گوادر ۾ ڊيوٽي ڪندو هو، جتي دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته کيس فخر آهي ته سندس پٽ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪندي شهيد شهادت ماڻي آهي.