/ جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين جي سٽ 17 ڏينهن کان خالي، نه ئي وائيس چيئرمين کي چارج ڏني وئي ۽ نه مقرري ڪئي وئي، شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو، آفيس جو وهنوار متاثر. تفصيل موجب جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين عباس جکراڻي نيب هتان گرفتاري بعد جيڪب آباد ميونسپل چيئرمين جي سيٽ گذريل 17 ڏينهن کان خالي پئي آهي ۽ ڪنهن کي به مقرر ناهي ڪيو ويو ۽ نه وائيس چيئرمين کي چارج ڏني وئي آهي جنهن ڪري شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي ۽ آفيس جو وهنوار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته شهر ۾ ٿوري گهڻي صفائي ٿيندي هئي پر هاڻي ميونسپل عملي سميت چيف ميونسپل آفيسر به آفيس مان غائب آهي عوام جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي. لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت چيئرمين جي غيرموجودگي ۾ وائيس چيئرمين کي چيئرمين جي ذميواري ڏني ويندي آهي پر لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي به عمل ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري عوام کي سخت پريشاني ٿي رهي آهي. ان سلسلي پ پ جي ضلعي صدر مير لياقت لاشاري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تحت 30 ڏينهن جي اندر چيئرمين جي غيرموجودگي سبب نئي چيئرمين جي مقرري لازمي آهي. ان حوالي سان اختيارات وائيس چيئرمين آصف علي مغيري کي جلد منتقل ڪيا وڃن جنهن جي لاءِ لکيو ويو آهي.