جيڪب آباد لڳ تيز رفتار ٽريڪٽر معصوم نينگر کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو،ڊرائيور فرار

May 10, 2017 at 7:35 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

جيڪب آباد (رپورٽ:رمضان ابڙو) جيڪب آباد جان محمد ڪالوني پيچوها ڦاٽڪ لڳ تيز رفتار ٽريڪٽر معصوم عباس عارباڻي کي چيڀاٽي سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمن جا سور نه سهندي معصوم نينگر تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو،ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر سميت فرار،خبرموجب؛جيڪب آباد صدر ٿاڻي جي حد جان محمد ڪالوني پيچوها ڦاٽڪ لڳ تيز رفتار ٽريڪٽر معصوم عباس عارباڻي کي چيڀاٽي سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمن جا سور نه سهندي معصوم نينگر تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو،ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر سميت فرار محلي واسين پنهجي مدد پاڻ معصوم نينگر کي اسپتال پهچايو جتي پوليس پهچي معصوم نينگر جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو معصوم نينگر جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو والدين کي غشي جا دورا پوڻ لڳا معصوم نينگر جي والدين ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته معصوم نينگر عباس اسان جي گھر جو چراغ ۽ اسان جو سهارو هو،ظالم شخص تيز رفتار ٽريڪٽر ڊارئيور معصوم نينگر کي چيڀاٽي فرار ٿي ويو هن کي ٿوري به ڪهل نه پئي ته معصوم ٻار کي انسانيت جي ناتي اسپتال پهچايان، اسان ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهڙي ظالم ڊرائيور کي جلد از جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ته ڪنهن ٻي والد جي هنج خالي نه ٿئي پوليس مطابق آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو.