جيڪب آباد ضلعي اسيمبلي جو اجلاس، عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

جيڪب آباد (ڊ…ر)  جيڪب آباد ضلعي اسيمبلي جو اجلاس، عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو، ميمبرن ۾ منهن ماري، هڪٻئي کي جوتا ڏيکاريا ويا، ترقياتي منصوبن ۽ ضلع ڪائونسل جي بلڊنگ جي تعميراتي ڪم ۾ ڪرپشن ڪرڻ تي ميمبرن جو واڪ آوٽ، اجلاس مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل. خبر موجب جيڪب آباد ضلعي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين سردار محمد پناهه اوڍو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر مير گل محمد جکراڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ضلع ڪائونسل ۾ پيپلزپارٽي جا اهي ميمبر به موجود آهن جن عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏنا ۽ سرعام پيپلزپارٽي جي اميدوارن خلاف ورڪ مهم هلائي انهيءَ لاءِ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ۽ انهن جي ميمبرشپ ختم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جن ميمبرن عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي  مخالف ڪئي اهي ستعيفي ڏئي ٻيهر اليڪشن کٽي ڏيکارين ته انهن کي خبر پئجي ويندي. انهيءَ موقعي تي هڪ ٻئي ميمبر سيد عزيزالله شاهه به انهيءَ ڳالهه جي تائيد ڪندي مخالفت ڪندي چيو ته جن ميمبرن جو تعلق پيپلزپارٽي سان هو انهن تي پارٽي سان غداري ڪئي انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ کپي. انهيءَ دوران ميمبرن جي هڪ ٻئي سان منهن ماري ٿي پئي ۽ هڪ ٻئي گٿا لفظ ڳالهايا. جڏهن اجلاس ۾ موجود مير فولاد خان لهر ۽ سيد عزيزالله شاهه آمهون سامهون ٿي پيا ۽ ٻنهي ميمبرن جي وچ ۾ بدڪلامي ٿي پئي. جڏهن ته مير فولاد خان جو ڀائيٽو عبدالستار لهر سيد عزيزالله شاهه کي جوتو ڏيکاريو ۽ ويتر اجلاس جو ماحول خراب ٿي ويو. ۽ اجلاس مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ميمبرن هڪ ٻئي جي ڳڇين ۾ هٿ وڌا. جنهن تي چيئرمين سردار محمد پناهه خان اوڍو پنهنجي ڪرسي ڇڏي ميمبرن جي وچ ۾ پهچي ويو ۽ ميمبرن جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي کي ختم ڪرايو. جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن حاجي افضل کوسو، مير اڪرم بروهي، حاجي جليل بجاراڻي ۽ ٻين ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن، ضلعي ڪائونسل ۾ جعلي ڀرتين ۽ ضلعي ڪائونسل جي بلڊنگ جي تعمير ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي فنڊز ۾ بدعنواني تي احتجاج ڪيو ۽ اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو. جنهن کانپوءِ ناراض ميمبرن کي راضي ڪري واپس آندو ويو. ان کان اڳ اجلاس ۾ ضلعي اسيمبلي جي 164 ميمبرن پاران پنهنجي تڪن ۾ تجويز ڪيل منصوبن لاءِ اخبارن ۾ ٽينڊر ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *