جيڪب آباد روينيو کاتي ۾ جعلي ڀرتين جو نيب پاران نوٽيس ورتو ويو، جاچ شروع، ڊي سي کان رڪارڊ طلب، 200 کان وڌيڪ جعلي ڀرتين ڪرڻ جو انڪشاف

جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد روينيو کاتي ۾ جعلي ڀرتين جو نيب پاران نوٽيس ورتو ويو، جاچ شروع، ڊي سي کان رڪارڊ طلب، 200 کان وڌيڪ جعلي ڀرتين ڪرڻ جو انڪشاف، ملوث آفيسرن ۾ ٿرٿلو ۽ غائب. خبر موجب جيڪب آباد جي روينيو کاتي ۾ جعلي ڀرتين جو نيب پاران نوٽيس ورتو ويو. انهيءِ حوالي سان نيب انڪوائري شروع ڪري ڏني آهي. جڏهن ته سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن نجم الدين جوڻيجو 13 جون جي هڪ ليٽر نمبر1W/1/CO/D/T-720187/3/NABSK/2018/1648  جي تحت ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد، مختيارڪار ابوبڪر سڌايو، آفيس سپرينٽنڊنٽ احمد بخش سومرو ۽ ٻين خلاف جاچ شروع ڪري ڏني. انهيءِ سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس آئي او ڪاشف نور کي مقرر ڪري مذڪوره آفيسرن کي 21 جون تي رڪارڊ سميت طلب ڪيو هو. جڏهن ته 2009 ۽ 2012 ۾ ڪيل ڀرتين جي حوالي سان اخبارن ۾ اشتهار ڪٽنگ سميت جولاءِ 2008 کان گريڊ هڪ کان 15 تائين جي خالي جاين جي تفصيلات روينيو کاتي ۾ ڀرتين جي قائدن ۽ ملازمن جي ڀرتي ڪرڻ واري اٿارٽي آفر ۽ اپوائنٽ منٽ آرڊر 2009 ۽ 2012 ۾ ٺهرائي ڊي آر سي جي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ۽ ميرٽ لسٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جنهن تي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر محمد نعيم سندهو 20 جون تي هڪ ليٽر نمبرDC/EB/401/2018 جي تحت نيب کي لکيو ته 2009 ۽ 2012 جون ڀرتيون اي ڊي او روينيو صادق راجڙ ۽ ڊي سي فياض احمد جتوئي ڪيون ۽ جاچ ۾ سپرينٽنڊنٽ جميل احمد سومرو ۽ عامر سومرو کي نيب سکر موڪليو جنهن تي نيب جاچ ڪندڙ آفيسر ڪاشف نور ڊي سي جيڪب آباد جو ليٽر وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ڊي سي يا اسسٽنٽ ڪمشنر پيش ٿي پنهنجو بيان ڏين. بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بلال سليم جي ذريعن موجب ڊي سي پاران نيب سکر جاچ آفيسرن اڳيان پيش ٿيو جڏهن ته ٽن کان وڌيڪ حاضريون ٿي چڪيون آهن ۽ اڃان به انڪوائري جاري آهن. هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته 200 کان مٿي جعلي ڀرتين جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي جيڪي ڪافي رشوت وٺي پنهنجي عزيزن ۽ دوستن کي نوازيو ۽ اسسٽنٽ جي ڀرتي جنهن جو اختيار ڪمشنر کي آهي پر هي ڀرتيون ضلعي آفيسرن ڪيون جنهن جي ڪري ملازمن جي ترقي به نه ٿي سگهي جنهن ڪري روينيو کاتي جي ملازمن پاران احتجاج به ڪيا ويا ۽ اعلي حڪام کي درخواستون به ڏنيون.  ۽ نيب جي جاچ شروع ڪرڻ تي آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳا پيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *