جيڪب آباد (ڊ..ر) جيڪب آباد جي ٽريزري آفيس جو آڊيٽر ارب پتي بڻجي ويو سندس جي گهر مان هڪ ڪروڙ جي چوري جو انڪشاف، ڪرپشن لڪائڻ لاءِ معاملو دٻائي ڇڏيو. خبر موجب جيڪب آباد جي خزاني آفيس جو ڪجهه عرصو اڳ سائيڪل تي ايندڙ فنانس کاتي جو آڊيٽر (ايم ا) گذريل پندرهن سالن کان ورڪس اينڊ سروسز جي آڊٽ تي مقرري مان ارب پتي بڻجي ويو آهي جنهن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ڪيس پڻ تحقيقاتي ادارن شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪجهه عرصو اڳ هن جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ ايس پي چوڪ واري جاءِ مان هڪ ڪروڙ رپيا ماليت جي چوري پڻ ٿي چڪي آهي جنهن ۾ سون ۽ روڪ رقم شامل آهي جنهن بعد هن حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پڻ درخواست ڏني هئي ۽ جوابدار پڻ گرفتار ڪرايو هيو پر ڪرپشن لڪائڻ لاءِ معاملي کي ڳجهه ڳوهه ۾ راڄوڻي ذريعي حل ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل آڊيٽر وٽ هن مهل جيڪب آباد جي شاهي بازار ۾ ڪروڙن جا دڪان، پلاٽ ۽ سکر جي پوش علائقي سائيٽ ايريا ۾ بنگلا آهن جنهن جي ڪل ماليت اربين رپين ۾آهي جيڪب آباد جي عوام مطالبو ڪيو آهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي معاملي جي جاچ ڪري لٽيل قومي دولت قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي.