جيڪب آباد جي شهر دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اميربخش ميرالي ۾ سئوٽ ڪارنهن جو الزام مڙهي پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد جي شهر دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اميربخش ميرالي ۾ سئوٽ ڪارنهن جو الزام مڙهي پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب جوابدار لياقت علي ميرالي پنهنجي نوجوان 20 سالا نوجوان سئوٽ فريده کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد دوداپور پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاش پنهني تحويل ۾ ورتو. لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جيڪب آباد روانو ڪيو. جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش  وارثن حوالي ڪيوويو. لاش سان گڏ بيٺل ناري جي ڀاءُ غلام شبيرميرالي صحافين کي ٻڌايوته لياقت علي ميرالي اسان جو سئوٽ آهي. هن اسان کان ڀيڻ جو رشتو گھريو هو. رشتو نه ڏيڻ تان هن اسان جي ڀيڻ مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي کيس قتل ڪيو آهي. هن چيوته اسان هن کي بخش نه ڪنداسين. ٻي طرف پوليس جوابدار لياقت علي ميرالي کي گرفتار ڪري ورتو. رابطي ڪرڻ تي دوداپور ٿاڻي پوليس ٻڌايوته اسان لياقت علي ميرالي کي گرفتار ڪيو آهي. تدفين بعد وارث جڏهن ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *