جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد جي حلال احمر جي دڪانن تي قبضي جي ڪوشش، قبضي مافيه دڪانن کي ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيا. شهرين جي نشاندهي تي ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس وٺي قبضي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. خبر موجب جيڪب آباد ۾ شڪارپور روڊ تي واقع حلال احمر جي دڪانن تي قبضا مافيه پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي. ۽ دڪانن کي ڊهرا.ئي انهي جاءِ نئي عمارت تعمير ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو ته شهرين جي نشاندهي تي ڊپٽي ڪمشنبر عمران علي ۽ حلال احمر جي صالح بگٽي نوٽيس وٺندي دڪانن تي قبضي ڪرڻ واري ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ۽ هلندڙ ڪم کي بند ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ سلسلي ۾ حلال احمر جي صالح بگٽي سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته قبضا مافيه حلال احمر جي ملڪيت تي قبضو ڪري رهيا هئا پر شهرين جي نشاندهي تي بروقت ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته دڪانن کي ڊهرائڻ وارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.