جيڪب آباد جي آبادگارن لاءِ اعلان ڪيل بارداڻي جون 2 لک 30 هزار ٻوريون ۽ فوڊ آفيسر آفيس مان غائب

جيڪب آباد(يوسف رند) جيڪب آباد جي آبادگارن لاءِ اعلان ڪيل بارداڻي جون 2 لک 30 هزار ٻوريون  ۽ فوڊ آفيسر آفيس مان غائب، سڄي ضلعي ۾ نالي ماتر کوليل ڪڻڪ خريداري جا سينٽر پڻ بند، آبادگار پريشان. پي پي ۾ هوندي به بارداڻو منپسندن کي ڏنو پيو وڃي.عاشق علي ڀيو. هڪ به ٻوري بارداڻي جي غير سياسي آبادگار کي نه پئي ڏني وڃي اها هڪ هٽي ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج ڪندا سون. جسقم.خبرموجب: سنڌ جي ٻئين نمبر زرعي آبادي واري ضلعي جيڪب آباد جي آبادگارن لاءِ هڪ مهينو اڳ اعلان ڪيل 2 لک 30 هزار بارداڻو هن وقت تائين ظاهر نه ٿيو آهي. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر روشن پنهور پڻ آفيس مان غائب آهي. جڏهن ته ضلعي جي ٽنهي تعلقن ڳڙهي خيرو ،ٺل ۽ جيڪب آباد ۾ ڪڻڪ خريداري لاءِ کليل سينٽر پڻ نالي ماتر ٿي ويا. هن وقت تائين ڪنهن به سينٽر تي هڪ به ٻوري ڪڻڪ جي خريد نه ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. ٻئي پاسي جسقم جي ضلعي اڳواڻ بهرام خان لهر جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران ضلعي جيڪب آباد جي آبادگارن لاءِ اعلان ڪيل بارداڻي جون 2 لک 30 هزار ٻوريون ايئن غائب ٿي ويون آهن جيئن ڍور جا مٿيان ڏند نه هوندا آهن. هن چيو ته ڳڙهي خيرو جي آبادگارن لاءِ آيل بارداڻو هتان جي فوڊ انسپيڪٽر شمس بروهي سياسي وڏيرن کي ۽ منپسند واپارين کي ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هن لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي . عام ۽ غريب آبادگار پريشان آهي هتان جا واپاري غريب آبادگارن کان 900 روپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن جيڪا سراسر ناجائزي آهي. جسقم اڳواڻ چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ننڍن آبادگارن کي بارداڻو ڏئي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي پاسي جيڪب آباد جي نالي واري آبادگار عاشق حسين ڀيو جو چوڻ هو ته اسان پي پي ۾ هوندي به نظر انداز ٿيل آهيون. هن فوڊ کاتي جي عملدارن تي الزام هڻندي چيو ته فوڊ کاتي جا عملدار منپسند ماڻهن کي بارداڻو ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان آبادگارن کان ڪڻڪ خريد نه ڪئي وئي ته اسان زميندارن جو گذارو ته ٿي ويندو پر هاري قرضدار ٿي ويندو. ٻئي پاسي پي پي شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر نديم احمد قريشي جو چوڻ هو ته فوڊ کاتي جا عملدار سياسي ڀوتارن کي بارداڻو ته ڏئي رهيا آهن پر هن سياسي ڀوتارن ۽ منپسند واپارين جي بارداڻي ۾ ملندڙ ڪڻڪ ناڪاره هوندي آهي. پي پي شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته واپاري ننڍن آبادگارن کان 900 روپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪري فوڊ کاتي کي 1300 روپين ۾ ڏين ٿا پر واپاري ڪڻڪ ۾ مٽي ،پٿر ۽ ٻيو ڪچرو مڪس ڪرڻ سميت گذريل سال جي پيل ۽ سري کاڌل ڪڻڪ به ان ۾ مڪس ڪئي پئي وڃي جيڪا کائڻ جي قابل نه هوندي آهي، جيڪو ملڪ ۽ ملڪ جي عوام سان سڌو دوکو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *