جيڪب آباد جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول 12 سال کان بند، تعميراتي ڪم ۽ مرمت لاءِ آيل فنڊز ڪڍائي ھڙپ ڪيا ويا، هڪ ٽڪي جو ڪم نه ٿيو

جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول 12 سال کان بند، تعميراتي ڪم ۽ مرمت لاءِ آيل فنڊز ڪڍائي ھڙپ ڪيا ويا، هڪ ٽڪي جو ڪم نه ٿيو، علائقي جا معصوم ٻارڙا تعليم جھڙي بنيادي حق کان محروم. تفصيل  موجب جيڪب آباد ڀرسان پٺاڻ ڳوٺ ۾ واقع گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول لکمير خاراني 12 سالن کان بند آهي جنهن جي ڪري عمارت کنڊرات  ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن ته اسڪول بند ھئڻ ڪري علائقي جا معصوم ٻارڙا تعليم جھڙي بنيادي حق کان محروم آهن. ۽ اسڪول جي چارديواري ڪري پئي جڏهن ته ڇت ۽ ديوارن ۾ سوراخ ٿي ويا آهن سرڪاري رڪارڊ ۾ اسڪول جي تعمير ۽ مرمت لاءِ آيل فنڊز رکيا ويا جيڪي ڪڍائي ڪري ھڙپ ڪيا. پر ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي مرمت نه ڪئي وئي جنهن ڪري اسڪول جي عمارت ويران بڻيل آهي. ٻي پاسي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسڪول جي مرمت جلد ڪئي وڃي ته جيئن اسڪول آباد ٿئي ۽ ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگھن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *