جيل ۾ رهان يا ٻاهر، جتان آواز ڏيندس عوام ٻاهر نڪرندو: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته چيف جسٽس ثاقب نثار چونڊون ملتوي نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، کيس پنهنجي ايڪشن سان ثابت به ڪرڻ گهرجي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪا ونڊ ورڇ ٿي سپريم ڪورٽ کي ان تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن چيف جسٽس شفاف چونڊن جو چئي ٿو ته اهو نه ٿيڻ گهرجي جنهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ پنهنجي ايڪشن سان اها ڳالهه ثابت به ڪري. سندس چوڻ هو ته اسان چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ملتوي ٿيڻ نه ڏينداسين، سول سوسائٽي، قانوندان ۽ عوام به چونڊون ملتوي ٿيڻ نه ڏيندا، مون کي جيل ۾ وجهڻو آهي ته ڀلي وڌو وڃي، ڪال ڏيڻ جي نوبت آئي ته ڏيندس، جيل اندر هجان يا ٻاهر جتان به آواز ڏيندس عوام نڪرندو. نواز شريف جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ سڀني کي برابري جا موقعا هئڻ گهرجن، توهان ڪنهن جي هٿ ٻڌي رهيا آهيو ۽ ڪنهن کي کليل ڇڏيو ويو آهي، عمران خان پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو آهي پر کيس آزاد ڪيو ويو ۽ مون کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي ڏوهه ۾ ڪڍيو ويو.  هن چيو ته سندس خلاف احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو اوپن ٽرائل ٿيڻ گهرجي ته جيئن عوام کي به خبر پوڻ گهرجي ته ڪيس ۾ ڇا آهي ۽ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سندس چوڻ هو ته حقيقتون قوم جي سامهون اچڻ گهرجن، اهو ڪوڙو ڪيس آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهي جيڪڏهن ناهي ته ڪرپشن ناهي. نواز شريف چيو ته نيب کي ڪاري قانون سمجهان ٿو، جنهن کي هڪ ڊڪٽيٽر سياستدانن خاص طور تي مون کي سزا ڏيارڻ لاءِ ٺاهيو هو. هن چيو ته جيستائين منهنجو ڪيس هلي رهيو آهي نيب کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان، فيصلو ٿيڻ ڏنو وڃي جڏهن حڪومت ۾ اينداسين ته قانون کي الله جي حڪم سان ختم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته نيب قانون کي نگران حڪومت دوران غير موثر ڪيو وڃي، ان قانون کي ناجائز طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪي به طاقتون آهن اهي چونڊن ۾ ان جو ناجائز استعمال ڪنديون. نواز شريف چيو ته آصف زرداري چيف منسٽري کسڻ کان اڳ تڪن مان ووٽ ته حاصل ڪري، پنجاب جي تڪن مان آصف زرداري وٽ چار پنج سئو ووٽ نڪرن ٿا. هن چيو ته اين اي 120 اسان جي ماڻهن کي کنڀيو ويو، ورڪرن پاڻ اچي ٻڌايو ته رات جي اونداهي ۾ کين کنيو ويو ۽ ڇڏيو به رات جي اونداهي ۾ ويو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم کنڀيل ڪارڪنن بابت جاچ ڪري. سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس نيب کان پڇي ته ڪاڪرنن کي هيسائڻ جو هي ڪهڙو وقت آهي. نواز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ کي بلوچستان اسيمبلي، سينيٽ چونڊن جي واقعن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، عوام کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيڪي ماڻهو پئسا ڏئي سينيٽر ٿيا آهن تن کي ڇڏيو وڃي، چيف جسٽس کي بلوچستان جي صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *