جيل ڀري ڇڏينداسين پر حڪومت کي نه مڃنداسين: مخالف ڌر اڳواڻ

پشاور: (م ڊ)  جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولان فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان جيل ڀري ڇڏينداسين پر حڪومت کي نه مڃنداسين.عام چونڊن کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي پشاور ۾ اپوزيشن پارٽين احتجاجي جلسو منعقد ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو، جلسي کي خطاب ۾ مولانا فضل الرحمان، احسن اقبال، اسفند يار ولي، آفتاب شيرپائو، نيئر بخاري حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اپوزيشن اسلام آباد جي ڪال ڏني ته حڪومت کي گهر وڃڻ کان ڪير به نه بچائي سگهندو.مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جيل ڀري ڇڏينداسين پر حڪومت کي نه مڃنداسين، 25 جولاءِ تي چونڊون جعلي هيو هاڻ پوري ملڪ ۾ عمران خان سليڪٽيڊ نه رجيڪٽيڊ ٿي ويو آهي. هن چيو ته گذريل سال 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊون جعلي هيون حڪومت جيترا جيل ڀري وٺي ان کي نه مڃنداسين.مسلم ليگ ن جي احسن اقبال چيو ته ڪوٽ لکپت جيل مان نواز شريف جو پيغام کڻي آيو آهيان امن قائم ڪرڻ ۽ فاٽا انضمام مسلم ليگ ڪري ڏيکاريو، هن جو چوڻ هو ته ملڪي معيشت تباهي جي دهاني تي آهي.عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان اپوزيشن جي جلسي کي برسات جو پهريون ڦڙو قرار ڏيندي چيو ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي آهي، مهانگائي جو طوفان آڻِ تبديل آندي وئي هن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوري چونڊون ڪرايون وڃن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته 25 جولاءِ تي هڪ ٻيو شوڪت عزيز ملڪ تي مڙهيو ويو آهي، عمران خان نه بچندو نه ئي سينيٽ جو چيئرمين اسان ٻنهي کي ٻوڙي ڇڏينداسين.قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو جلسي کي خطاب ۾ چيو ته عمران خان نيازي ملڪي سلامتي کي خطرو آهي ملڪي ميڊيا تي ڇيهو آهي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي پڪڙ جاري آهي، آئين جون ڀڃڪڙيون ڪري ملڪ آمريت طرف وڃي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *