جيسيتائين ايم ڪيو ايم جو نالو زندهه رهندو، ڪراچي ۾ قتل ختم نه ٿيندا: مصطفيٰ ڪمال
July 27, 2017 at 8:57 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) پاڪستان سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيسيتائين ايم ڪيو ايم جو نالو زندهه رهندو، ڪراچي ۾ قتل ختم نه ٿيندا، ايم ڪيو ايم کي زندهه رکندڙ باني متحده جي خرافتن کي زندهه رکڻ چاهي ٿو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سياسي ۽ لنڊن جي عسڪري ونگ آهي. پي يو جي جي اڳواڻ اويس شاهه نوراني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان جي ڪاميابي سمورن مهاجرن ۽ پاڪستانين کي سمجهه ۾ اچي رهي آهي، ايم ڪيو ايم کان پهرين مهاجرن جي سڃاڻپ سٺن ماڻهن سان هئي ۽ مهاجر سٺن نالن سان سڃاتا ويندا هئا، اسان مهم مهاجر سياست نٿا ڪرڻ چاهيون ڇو ته مهاجر سياست ڪرڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان مهاجرن کي ٿيندو. مصطفيٰ جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان بڻائي ٻيهر متحده باني کي رت پياريو ويو ٻيهر متحده باني سان ملي ويندا سڄو منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فاروق ستار توبهه ڪري ته اسان ان سان گڏ نه ٿينداسين.