ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ڪراچي ۾ سمورا منصوبا مٽيءَ جو ڍير آهن، ڪِري پوندا، اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي عدالت چيو ته ماڻهو مري رهيا آهن، توهان بِين وڄائي رهيا آهيو. جيستائين مٿان کان ڏنڊو نٿو اچي، تيستائين ڪم نٿو ٿئي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلري ريلوي جي بحالي ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، اٽارني جنرل آف پاڪستان، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ريلوي ۽ ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس گلزار احمد اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جا ٺيڪيدار هليا ويندا آهن، پر توهان پئسا نٿا ڏيو. ناظم آباد وڃي ڏسو، اُتي ڪوبه ڪم نه ٿي رهيو آهي. هر وقت ڪو نه ڪو تبديل ٿيندو رهندو آهي. ماڻهو خواب ڏسندا رهندا آهن، سندن عذاب ٿي وئي آهي، مٽي ۽ ڌوڙ آهي. ماڻهو مري رهيا آهن، پر توهان مُرلي وڄائي رهيا آهيو. ڪراچي ۾ چنگچي وارا ٻيهر شروع ٿي ويا آهن. اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته توهان جا سمورا منصوبا مٽيءَ جو ڍير آهن، ڪري پوندا. جيستائين مٿان کان ڏنڊو نه ايندو آهي، تيستائين توهان ڪم نه ڪندا آهيو. جيڪي ماڻهو ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اُنهن کي ڪراچي جي ڪهڙي خبر آهي؟ جيترا فلاءِ اوورز ٺاهيا آهن، اُهي ڪري پوندا، ڪياماڙيءَ واري پُل به ڪرڻ واري آهي. اُن جي نتيجي ۾ ڪياماڙيءَ جو زميني رابطو ڪراچي سان ڪاٽا ٿي ويندو. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس چيو ته سلمان صاحب! توهان ايماندار آهيو پر توهان جي ماڻهن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. يونيورسٽي روڊ هڪ مذاق آهي، شهيد ملت روڊ به ڪڏهن ڏسڻ لائق نه هو. شهر ۾ ڪروڙين موٽر سائيڪلز آهن. اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تائين ريڊ لائين منصوبو به مڪمل ٿي ويندو، جنهن تي چيف جسٽس پُڇيو ته بليو ۽ پرپل لائين منصوبو ڇا آهي؟ اي جي سنڌ چيو ته اُن تي اڃا ڪم نه ٿيو آهي.