جيترو چاهيو زبان بند ڪرايو فتح اسان جي ٿيندي:نواز شريف

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته منهنجي زبان بند ڪئي وئي پر ياد رکو جيترو چاهيو زبان بند ڪرايو فتح اسان جي ٿيندي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عوام جي ڳالهه ٻڌي وئي تي وڏي پيماني انارڪي ڏسي رهيو آهيان، دنيا بدلجي وئي آهي، اسان کي به پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. پراڻيو غلطيون ٻيهر نه ورجائڻ گهرجن.هن چيو ته ملڪ ۾ غير مهذب پابنديون نٿيون لڳائي سگهجن، عوام جي زبان بند ڪئي وئي. منهنجي به زبان بند ڪئي وئي، اسان ڪنهن جي زبان بند نٿا ڪري سگهون، يارکو جيترو چاهيو زبان بند ڪيو ڪاميابي اسانجو مقدر بڻجندي.اڳوڻي وزير اعظم  عدالتي فيصلي ۾ ٻڌايو ويندو ته عدليا جي خلاف ڳالهائڻ جو ڇا مطلب آهي؟ ڳالهائڻ بعد تحفظ جي گارنٽي ناهي.نواز شريف چيو ته اسان کي ڇڏي ويندڙ اسان جا هئا ئي نه ، اڄ جيترا به محب وطن آهن اهي غدار آهن، منهنجي خواهش هئي ته سڀني کي گڏ کڻي هلان.هن وڌيڪ چيو ته 2013 ۾ اسان رائيونڊ  روڊ ويڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر نيب ڪيس ٺهي ويو، 1990 ۾ موٽري وي شروع ٿي ان تي پڻ ريفرنس ٺهڻ گهرجي، ايٽمي ڌماڪا ڪيا ان تي به منهنجي خلاف ريفرنس ٺهڻ گهرجي.هن چيوته افسوس آهي ته ملڪ ۾ ڌرڻا لڳرايا ويا، اسان درگذر ڪيو  ڳالهيون نه ڪيون ۽ جنهن کي درگذر ڪيو ان تي ڪو به افسوس ناهي ٻئي پاسي کان به درگذر ڪرڻ گهرجي ها.هڪ سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته فاٽا ۾ عوام کي حق ملڻ گهرجن مسئلا حل ٿيڻ گهرجن .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *