نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هلندڙ موٽر سائيڪل تي رومانس ڪرڻ جوڙي کي مهانگو پئجي ويو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪانپور پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪانپور پوليس هڪ جوڙي طرفان هلندڙ موٽر سائيڪل تي رومانس ڪرڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان جوڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.
وائرل وڊيو ۾ نوجوان کي ناريءَ کي پنهنجي جهولي ۾ ويهاري بائيڪ هلائيندي ڏسي سگهجي ٿو، نوجوان هيلمٽ بنا موٽر سائيڪل هلائي رهيو آهي، جڏهن ته ناري فيول ٽينڪ تي ويٺي آهي ۽ ان جو مُنهن نوجوان ڏانهن آهي.
پوليس موجب اهو واقعو ڪانپور جي گنگا بيراج علائقي ۾ پيش آيو، اها خبر ناهي پئجي سگهي ته وڊيو ڪڏهن جي آهي پر واقعي جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.