اسلام آباد بيوروِ) وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ جون جي آخر ۽ جولاءِ ڪرونا وائرس عروج تي هوندو جاري ڪيل هڪ بيان ۾ شبلي فراز چيو ته ڪرونا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي فيصلا ڪيا وڃن ٿا هن چيو ته ڪرونا وائرس جي هاٽ اسپاٽ کي ڳولي سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيون ٿا صوبا کوڙ سارن معاملن ۾ خودمختيار آهن شبلي فراز چيو ته سنڌ حڪومت اين سي او سي ۾ فيصلا قبول ڪري ٿي جڏهن ته انهن فيصلن تي بعد ۾ سياسي شروع ڪري ڇڏي ٿي هن چيو ته سنڌ حڪومت هن ڪرونا وائرس جي وبا ۾ به سياست ڪري رهي آهي سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شآهه هميشه ڪنفيوزن پکيڙي ٿو شبلي فراز چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اين سي او سي ۾ هڪ ڳالهه ۽ ٻاهر وري ٻي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس جا خرچ به گهٽائي ڇڏيا آهن ڪرونا وائرس جي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ قوم تي فرض آهي.