ڪراچي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آئون نيب جي سخت مذمت ڪيان ٿو ته نيب چيئرمين شهباز ۽ نواز شريف سميت سڄي ڪٽنب کي بچايو. جهانگير ترين کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي نااهل قرار ڏنو ويو جنهن بابت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول آهي. ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هنن وٽ هر شئي جو جواب قطري خط هو، آئون نيب جي سخت مذمت ڪيان ٿو نيب شهباز ۽ ڪٽنب خاندان کي حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ بچايو، نيب سپريم ڪورٽ ۾ درست نموني ڪيس پيش نه ڪيو ڇو ته نيب چيئرمين ساڻن ٻڌل هو. هن چيو ته اهي پاڻ ڪرپٽ ان ڪري هنن کي لڳي ٿو ته هر ماڻهو ڪرپٽ آهي، جهانگير ترين کي ٽيڪنيڪيل بنيادن تي نااهل قرار ڏنو ويو، اسان ان بابت به اپيل داخل ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته عدالت جي فيصلي تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو، ڪيس هڪ منشيات فروش ڪيو هو نواز شريف کي ڪيس ڪرڻ لاءِ هڪ منشيات فروش کان سواءِ ٻيو ڪير به نه مليو. هڪ سال تائين سپريم ڪورٽ ۾ منهنجو ڪيس هليو، سمورا مني ٽريل ڏنا ۽ 60 دستاويز به ڏنا ۽ سڀني کي خبر آهي ته قطري خط فراڊ هو. نواز شريف کي ڪو ٻيو شخص نه مليو هوندو، تڪليف اها آهي ته منهنجي ان شخص سان ڀيٽ ڪئي جنهن قوم جو پيسو پرڏيهه موڪليو. منهنجي ڀيٽ ان سان نه ڪئي وڃي جنهن غريب قوم جو پيسو چوري ڪيو. هن چيو ته جهانگير ترين جي فيصل تي ڏک آهي، هنن جي ڪرپٽ ماڻهن سپريم ڪورٽ ٻاهران بيهي مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو، جهانگير ترين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندو آهي، شريف ڪٽنب ٻڌائي ئي نه سگيو ته ايترو پيسو ڪٿان آيو.