جن علائقن ۾ غير قانوني تعميرات هونديون سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو لاڳاپيل انچارج يا آفيسر معطل ٿيندو:ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته جن علائقن ۾ غير قانوني تعميرات هونديون سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو لاڳاپيل انچارج يا آفيسر معطل ٿيندو ۽ قانون ڪارروائي ٿيندي ۽ سندس خلاف ايف آئي آر به داخل ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتن ۽ ڪراچي شهر جي مختلف وفدن سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو ان موقعي تي سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ به موجو هو وزير اطلاعات چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي هدايت تي غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 28 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ايف آئي آر به داخل ڪرايون ويون آهن. ماڻهن جي جان ۽ مال سان ڪنهن کي به کڏڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي. اسان کي ماڻهن جي جان انتهائي عزيز آهي. وزير اعليٰ سنڌ جي هدايت تي غير قانوني اڏاوتن ۾ملوث آفيسرن ۽ بلڊرز جي خلاف ايڪش جاري رهندو، اڃ تائين غير قانوني اڏاوتن جي خلاف ايڪشن جي نتيجي ۾ 900 کان وڌيڪ اسٽرڪچر ڪيرايا ويا آهن، جڏهن ته پوري شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن جي خلاف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جون ڪارروائيون جاري آهن. وزير بلديات وڌيڪ چيو ته غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ ۽ نگراني جي سلسلي ۾ ويجلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ بلديات کاتي ۾ شڪايتي مرڪز هيلپ لائن به قائم ڪئي وئي آهي ان ڪري شهري غير قانوني اڏاوتن جي سلسلي ۾ پنهنجون شڪايتون هيلپ لائن نمبر 1093 تي داخل ڪرائين سندن نالو راز ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته انهن جي شڪايت تي غير قانوني اڏاوتن جي خلاف نه فقط موثر ڪارروائي ڪئي ويندي پر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاڳاپيل آفيسر جي خلاف به ايڪش روتو ويندو. بلديات واري وزير چيو ته رضويٰ سوسائٽي ۾ عمارت ڪرڻ جو واقعو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته وزير اعليٰ جي هدايت تي ڪمشنر ڪراچي رضويٰ سوسائٽي گوليمار ۾ واقعي جميل فاطمه بلڊنگ ڪرڻ جي ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا عمارت ڪرڻ جي سبب جو پتو لڳائي ذميوارن جو تعين ڪري ان جي رپورٽ وزير اعليٰ کي پيش ڪندي ۽ ان تي قانون موجب سزائون ڏنيون وينديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *