راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اسان پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، آرمي چيف واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، اسان ڪنهن به قسم جي مهم جوئيءَ جو ڀرپور جواب ڏينداسين، اڪستان ڪنهن سان جنگ نه ٿو ڍاهي پر امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي، ڀارت ڪولڊ وار شروع ڪري يا نه ڪري اسان هر اڳرائ يءَ جو ڀرپور جواب ڏينداسين، ڀارت سرحد تي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو رچايو، ايل او سي 46 پاڪستاني شهيد ۽ 40 ڀارتي فوج ماريا. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ملڪ ۾ امن جي فضا هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه آهي، قومي مفادن تي ڪنهن به شيءِ کي ترجيح نه ڏني ويندي، ملڪ ۾ گڏيل طور دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ 70920 ماڻهن پنهنجيون جانيون ڏنيون، جن ۾ 21839 شهيد ۽ 49081 زخمي شامل آهن، قوم جي حيثيت ۾ اسان قربانيون ڏيندا پيا اچون ۽ ڏيندا رهنداسين. حساس معاملن تي اڳڪٿيون ملڪ کي نقصان پهچائي سگھن ٿيون، تازو ئي بابر 3 ۽ ابابيل ميزائل جو تجربو ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جي مضبوط دفاع جو آئينو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چيو هڪ چند عنصر بي يقينيءَ جو تاثر ڏئي امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، ڪنهن سان جنگ نه ٿا چاهيون، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير جو حل چاهيون ٿا