جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي، ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي وزارت طلب

اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي وزارت لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ۽ بنا سبب فائرنگ تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.پرڏيهي وزارت جي  ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ٻڌايو ته گورو اهلوواليا کي طلب ڪري لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ڀارت طرفان 22 ۽ 23 جولاءِ تي لائن آف ڪنٽرول جي باگسر سيڪٽر تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب 2 عام شهري شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا.ڊاڪٽر محمد فيصل موجب 22 جولاءِ تي ڀارتي فائرنگ سبب هڪ نينگر 12 ورهين جو محمد رياض شهيد جڏهن ته 18 ورهين جو ذبيح الله زخمي ٿي پيو، ايندڙ ڏينهن هاٽ اسپرنگ سيڪٽر ۾ ڀارتي فائرنگ سبب هڪ عورت جان بي بي شهيد ٿي وئي جڏهن ته ٽي شهري زخمي ٿيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *