جنهن تي ڪرپشن ۽ پاناما جھڙا ڪيس هجن اهو ملڪ ڇا هلائيندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم ليڊر هو، سندس خال هِن وقت تائين ڀرجي ناهي سگھيو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي عوامي طاقت ۽ جمهوريت سان ملڪ کي مضبوط ڪيو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ملڪ ۾پوءِ ايندڙ حڪومتن اقتدار حاصل ڪرڻ واري فلسفي کي اپنايو، پرڏيهي قرضن ۽ مفاد جي سياست ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسلامي ملڪن جي صورتحال کي سنڀالڻ جي لاءِ اڄ ڀٽي جھڙي ليڊر جي ضرورت آهي، وزيراعظم ٻڌائي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو مقصد ڇا هو، هو ٻڌائي ته هو ڪهڙي شيءِ کان ٿو ڊڄي، ڇاجي ڪري ڪمزور نظر ايندو آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي ڪاٿي عمل ٿيو؟ جيڪو حڪمران ڪرپشن ۽ پاناما جھڙن ڪيسن کي منهن ڏيندو هجي اهو ملڪ کي ڇا هلائيندو؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *