جنهن بنياد تي نااهل قرار ڏنو ويو، ان تي قانون جا ماهر حيران آهن: فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو): جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مخالف مسلسل وزيراعظم جي نااهلي لاءِ تحريڪ هلائي رهيا هئا، ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جنهن بنياد تي نااهل قرار ڏنو ويو، ان ت قانون جا ماهر حيران آهن، ڇو ته پگهار وصول نه ڪئي، ان لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو، ڪيتري عجيب ڳالههه آهي جو اسان جي عدالت جو فيصلو ڪنهن مثال طور پيش نه ڪري سگهجي، پاڪستان جي ترقي جو سفر انڊيا جي اکين ۾ کٽڪي رهيو آهي، ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ڪيو پيو وڃي، پهرين به چيو هو، معاملو ڪرپشن جو ناهي، سياسي بحران پيدا ڪرڻ جو آهي، ڪرپشن ۽ ڪميشن تي ڪو فيصلو نه آيو، خاموشي ڪوڙ ناهي هوندي، جيستائين ڪوڙ ڳالهايو نه وڃي، ڇا پاناما جي آف شور ڪمپنين جو پئسو واپس اچي ويندو، ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٿي وڃي ٿو ته ڪير ذميدار هوندو، هن وقت ملڪ ۾ ڪا حڪومت ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *