جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ ٽن سالن لاءِ آرمي چيف مقرر

اسلام آباد:(بيورو) وزيراعظم عمران خان جنرل قمر جاويد باجوا کي وڌيڪ 3 سالن لاءِ آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم اهو فيصلو ملڪ ۽ خطي ۾ جاري امن جي ڪوششن جي تسلسل ۾ ڪيو.ياد رهي ته جنرل قمر جاويد باجوا کي نومبر 2016ع ۾ ان وقت جي صدر ممنون حسين جي تجويز تي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف ٽن سالن لاءِ آرمي چيف مقرر ڪيو هو.جنرل قمر جاويد باجوا ڪينيڊين فورسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ٽورنٽو، نيول پوسٽ گريجوئيٽ يونيورسٽي مونيٽري ڪيليفورنيا، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جو گريجوئيٽ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *