جنرل راحيل ۽ پاشا پرڏيهي ملڪن ۾ ملازمت ڪئي، ڇا فوجي آفيسرن تي قانون لاڳو ناهي ٿيندو؟ چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس پاڪستان ٻٽي شهريت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته قانون موجب 2 ورهين تائين ڪو به آفيسر ملازمت اختيار نٿو ڪري سگهي ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) شجاع پاشا پرڏيهي ملڪ هليو ويو جڏهن ته اهڙي طرح جنرل (ر) راحيل شريف صاحب پڻ پرڏيهي ملڪ ملازمت اختيار ڪئي ۽ ڇا قانون فوجي آفيسر ٿي لاڳو ناهي ٿيندو؟  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ججن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻٽي شهريت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ بچاءُ  وارو  سيڪريٽري ضمير الحسن شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته آءِ ايس آءِ  جواڳوڻو سربراهه جنرل شجاع پاشا پرڏيهي ملڪ  هليو ويو، ڪيئن ريٽائرمنٽ جي فوري بعد شجاع پاشا ملازمت اختيار ڪئي؟ قانون موجب 2 ورهين تائين ڪو به آفيسر ملازمت اختيار نٿو ڪري سگهي، اهڙي طرح جنرل(ر) راحيل شريف صاحب پڻ پرڏيهي ملڪ ملازمت اختيار ڪئي. ڇا فوجي آفيسرن تيي قانون لاڳو ناهي ٿيندو؟ ان تي دفاع واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي ڄاڻ موجب ٻئي آفيسر اين او سي وٺي ٻاهر ويا آهن. ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حساس اداري جي اعليٰ آفيسر ۽ سربراهه وٽ حساس معلومات هوندي آهي، اهڙن ماڻهن کي حفاظت ڏيڻ گهرجي. ان بچاءُ واري سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت طرفان جنرل پاشا ۽ جنرل راحيل شريف کي اجازت ڏني وئي،  ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حڪومت جو ڪو به ملازم ريٽائرمنٽ جي ٻن سالن تائين پرڏيهي ملڪ ملازمت نٿو ڪري سگهي، ڇا 2 ورهين جي پابندي جو قانون جنرل پاشا ۽ جنرل راحيل شريف مٿان لاڳو نٿو ٿئي؟ انهن ماڻهن کي ڪابينا کان اجازت وٺي پرڏيهي ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ گهرجي ها، ان تي بچاءُ واري سيڪريٽري چيو ته کيس انهن ٻن ورهين واري عرصي جي حوالي سان صيحيح  طرح سان ڄاڻ ناهي. چيف جسٽس بچاءُ واري سيڪريٽري کي چيو ته اسان ڏسي وٺون ٿا ته ڪهڙي طرح جي اجازت هئي ان نوعيت ۽ معياد ڪيترو هو. ان موقعي ته جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪندي سيڪريٽري دعاع کان پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته ڪيترن آفيسرن پرڏيهي ملڪن ۾ شاديون ڪيون آهن، ان تي ضمير الحسن ٻڌايو ته آرمڊ فورسز جي آفيسرن پرڏيهي ملڪ ۾ شادي لاڳاپيل فورس جي چيف جي اجازت سان ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪو اجازت نٿو وٺي ته سخت سزا ڏني ويندي آهي. ضمير الحسن عدالت کي ٻڌايو ته ڪنهن ٻٽي شهريت واري شخص کي آرمڊ فورسز ۾ ملازمت ناهي ڏني ويندي، ٻٽي شهريت بابت اها ڳالهه ملازمت جي اشتهار ۾ پڻ لکي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو ٻٽي شهريت رکندڙ هوندو آهي ته ان کي پنهنجي ٻي شهريت تان هٿ کڻڻو پوندو آهي. چيف جسٽس بچاءُ واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جيڪو ڪجهه توهان چئي رهيا آهيو اهو سڀ لکت ۾ ڏيو، پنهنجي طور تي چيڪ ڪيو ته آرمڊ فورس ۾ ڪو ٻٽي شهريت رکندڙ آفيسر ته ناهي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *