جنرل جي قتل جو پلاند، ايران جي ميزائل حملن ۾ 80 آمريڪي مارڻ جي دعويٰ

بغدد/تهران (ڊيسڪ رپورٽ) ايران آمريڪي ڊرون جي نتيجي ۾ القدس فورس جي سربراهه جنرل قاسم سليماني جي شهادت جي جواب ۾ عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي 2 فوجي اڏن تي بيلسٽڪ ميزائل حملا ڪيا، برطانوي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب تهران جي مقامي وقت موجب رات ڏيڍ وڳي عراق ۾ 2 فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو، جتي آمريڪي، اتحادي فوج جا اهلڪار رهن ٿا، جڏهن ته مذڪوره حملي ۾ ايران پنهنجي سرزمين کان هڪ درجن کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا، ايران جي سرڪاري ٽيليويزن موجب ايران جي اسلامي پاسداران انقلاب قاسم سليماني جي شهادت جي جواب ۾ راڪيٽ فائر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، بيان ۾ آمريڪا کي وڌيڪ جانين جي نقصان کان بچڻ لاءِ خطي ۾ پنهنجا فوجي اهلڪار واپس گهرائڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي، آمريڪي اتحادي اسرائيل کي خبردار ڪيو ويو آهي ته حملن جي لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال نه ٿيڻ ڏي. آمريڪي دفاع کاتي پينٽاگون جي طرفان ايراني حملي سبب ٿيندڙ فوتين جو انگ فراهم نه ڪيو ويو، پينٽاگون جي ترجمان جوناتهن هوفمين هڪ بيان ۾ چيو ته عراق ۾ الاسد هوائي اڏي ۽ اربيل ۾ هڪ وڌيڪ اڏي کي نشانو بڻايوويو، اسان نقصان بابت ڪم ڪري رهيا آهيون. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ آمريڪي عوام کي تسلي ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن وقت تائين سڀ ٺيڪ آهي، اسان وٽ دنيا جي سڀ کان بهترين ۽ طاقتور فوج آهي، هُن جو چوڻ هو ته عراق ۾ 2 فوجي اڏن تي ايراني ميزائل حملن ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ فوتين جو اندازو لڳايو پيو وڃي ۽ ان تي ڪجهه دير ۾ بريفنگ ڏني ويندي. ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوجي اڏن تي حملن ۾ 80 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته آمريڪي هيليڪاپٽرز ۽ فوجي سامان کي شديد نقصان پهتو آهي، ڀارتي نيوز ايجنسي اي اين آءِ به آمريڪي فوجي اڏن تي ايراني حملي ۾ 80 ماڻهن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايران جي سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جو سڀ ٺيڪ آهي جو بيان نقصان لڪائڻ جي ڪوشش آهي. آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته آمريڪي ريڊار دوران اڏام ميزائلز جي وقت تي خبر پوڻ ۾ ڪامياب رهيو هو، جنهن جي ڪري آمريڪي فوجي محفوظ مقام تي منتقل ٿي ويا هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *