جنرل باجوه جمهوري ادارن جو ساٿ ڏنو، ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي:فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي لکيو آهي ته آرمي چيف جاويد قمر باجوه ۽ موجوده فوجي سيٽ اپ پنهنجي جمهوري ادارن جو ساٿ ڏنو آهي.پر هن حمايت کي ناداني ڪمزوري نه سمجهي وڃي.پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي سلسيوار ٽوئيٽس ۾ واضع لکيو آهي ته معامله مڊرف وارو ڪنهن فردِ واحد جو نه آهي، پر هڪ خاص حڪمت عملي سان پاڪ فوج کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي. فواد چوڌريءَ چيو ته پهريان لبيڪ ڌرڻو ڪيس ۾ فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي ملوث ڪيو ويو، وري هاڻي چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي ۾ توسيع کي تڪراري پيو بڻايو وڃي. هن پنهنجي موقف ۾ ٻڌايو آهي ته هاڻي فوج جي هڪ مشهور اڳوڻي سربراهه کي بي عزتو ڪيو ويو آهي.سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ  چيو ته واقعن جو تسلسل عدالتي ۽ قانوني معاملو ناهي رهيو پر ان کان وڌي ويو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ فوجي ادارن کي تقديم يا ڪمزور ڪيو ويو ته يقينن انارڪي ڦهلجندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *