جنرل اسيمبلي جي اجلاس مان ٿي اچان، پوءِ ٻڌائيندس ته ايل او سي تي ڪڏهن وڃڻو آهي: وزيراعظم

مظفر آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ ڪشميرين جو آواز بڻجندو، جنرل اسيمبلي مان ٿي موٽي اچي ته پوءِ ٻڌائيندو ته ايل او سي تي ڪڏهن وڃڻو آهي. مظفر آباد ۾ ڪشمير بڻجندو پاڪستان جي عنوان سان ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير انسانيت جو مسئلو ٿي ويو آهي، اڄ ڪشميرين تي ڀارت جا 9 لک فوجي ظلم ڪري رهيا آهن. عمران خان ڀارتي وزيراعظم کي پيغام ڏنو ته جنهن ۾ انسانيت هوندي آهي، اُهو ڪڏهن به انسانن تي ظلم نه ڪندو آهي. مودي جيترو به ظلم ڪندو پر ڪامياب نه ٿيندو، ڪشميرين ۾ موت جو خوف ختم ٿي چڪو آهي. هڪ بزدل ماڻهو ئي مظلومن تي ظلم ڪندو آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مودي ۽ سندس انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيا آهن. مودي ماڻهن کي انتهاپسند ڏانهن ڌِڪي رهيو آهي. هو ڀارت ۾ رهندڙ 20 ڪروڙ مسلمانن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ گهري ٿو؟ مودي چاهي ٿو ته ڀارت مان مسلمانن کي نيڪالي ڏني وڃي. جيئن هٽلر ۽ نازي پارٽي جرمني ۾ اقليتن تي ظلم ڪيو، آر ايس ايس به اُن ئي دڳ تي هلي رهي آهي. جلسي کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ڪشميرين لاءِ جيئن هو اُٿي بيٺو آهي، ائين ڪير به نه اُٿيو آهي. هو دُنيا ۾ ڪشميرين جو سفير بڻجي آواز اُٿاريندو. انشاءَ الله هو ڪشميرين کي مايوس نه ڪندو. گڏيل قومن ۾ 50 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪشمير عالمي اشو بڻجي ويو، امريڪي سينيٽرز به صدر ٽرمپ کي خط لکي ڪشمير مسئلي تي آواز اٿارڻ لاءِ چيو آهي، او آءِ سي ڀارت کي ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽائڻ لاءِ چيو آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪشمير مسئلي تي بحث ٿيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *