جناح ڪورٽس حاصل ڪرڻ چاهيون  ٿا پر فيصلو گورنر کي ڪرڻو آهي: سردار شاهه

ڪراچي (رپورٽر) ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه ميرپورخاص ثقافتي ڪمپليڪس گهڻو فعال نه رهڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته اتي مقامي سطح تي آرٽ سان لاڳاپيل شاعر اديب ويهندا ۽ پروگرام ڪندا رهيا آهن، پر عالمي سطح جي  ڪا به نمائش نه ٿي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته جناح ڪورٽس ۾ رينجرز جو هيڊڪوارٽر آهي، ان بابت گورنر کي فيصلو ڪرڻو هو، هن چيو ته وسيلا گهٽ آهن، 3 هزار کان وڌيڪ عمارتون هيريٽيج ٿيل آهن، انهن تي ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، جناح ڪورٽس سميت ٻيون عمارتون ڪلچر ڊپارٽمينٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.  ڪينجهر تي عالمي سياحن کي به آڻي سگهون ٿا، نارمل هٽ جا 5 هزار ۽ خاص هٽ جو ڪرايو 10 هزار آهي، ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي پئسا ڏيڻ جي سهولت مهيني ٻن ۾ فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته 8 هزار 4 سو کان وڌيڪ شاعرن، اديبن ۽ ٻين مستحقن کي 50 هزار کان 10 لک تائين رقم ڏيندا آهيون، ان لاءِ بورڊ جڙيل آهي، اهو طئه ڪندو آهي. سردار شاهه چيو ته اديبن، شاعرن کي اخبارن جي خبرن تي به نوٽيس وٺي علاج ڪرايون ٿا، اسان آغا خان اسپتال مان به فنڪارن اديبن ۽ شآعرن جو علاج ڪرايو آهي. هن چيو ته نيشنل ميوزيم سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي وفاق حوالي ٿيل آهي، پر سنڌ سرڪارفيصلي خلاف  اپيل داخل ڪرائي آهي،  هن چيو ته اهم ميوزيم نيشنل ميوزيم آهي، حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ لاڙۡڪاڻي جا ميوزيم آهن،  ميوزيم جي شِين جي نگراني لاءِ ڪميٽي ٺهيل آهي، جيڪا رويو ڪندي رهندي آهي، چوري جو ڪيس موهن جي دڙي ميوزيم مان ٿيو هو، ڀارت جا ماهر سيلز ريسرچ لاءِ کڻي ويا جن واپس ڪرڻ بدران وڪرو ڪيون.03

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *