ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملا، جهنگلات و جهنگلي جيوت کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سول اسپتال جي واقعي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جا ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسز پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي ٻين جون جانيون بچائي رهيا آهن ۽ هي ڳالهه ناقابل برداشت آهي ته انهن سان بدتعميزي ۽ تشدد ڪيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪنهن حوالي سان ڪا شڪايت هئي ته انتظاميه سان ان بابت ڳالهايو وڃي ها. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته زبردستي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ وزير اعليٰ سنڌ اعليٰ سطحي انڪوائري جا حڪم پڻ ڏنا آهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ چيو آهي ته پهريان جناح اسپتال ۾ ڊاهه ڊوهه ۽ پوءِ سول اسپتال ۾ هنگامو ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر ۽ نرسز پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن حڪومت انهن سان گڏ آهي. وزير اعليٰ سنڌ انهن واقعن تي سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. ان کان اڳ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته کنڊ انڪوائري ڪميشن بڻائڻ ۽ ان جي تحقيقات ڪرائڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي ۽ اسان ان کي پسنديدگي جي نظر سان ڏسون ٿا، پر رپورٽ ۾ چيو ويو ته کنڊ جي اگهن وڌڻ جو سبب هي آهي ته ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني وئي ۽ اجازت وزيراعظم بطور انچارج وزير ڪامرس جي ڏني پر ان ۾ تنازع جو سبب هي آهي ته ان ۾ بلاجواز وزير اعليٰ سنڌ کي ملوث ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان جو ان معاملي سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اصل معاملي تي ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي ۽ اصل ذميوارن جي طرف کان توجهه هٽائڻ جي ڪو شش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته ڪورونا وائرس هنن کي بچايو آهي نه ته معيشت جي حالت هنن جي حڪومت ۾ ڏاڍي خراب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر ڏاڍا بيان ڏئي رهيو آهي بهتر هي آهي ته هو پنهنجي غريبان ۾ ڏسي ۽ رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ عالمي معيار موجب قدم کڻي پر اسان تي تنقيد براءِ تنقيد ڪئي وئي ۽ انهن قدمن کي پوري ملڪ ناقذ نه ڪيو ويو ان ڪري هي وائرس پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت جي غير سنجيده رويي جي ڪري ڦهليو. هن چيو ته 26 فيبروري تي پهريون ڪيس آيو ۽ وفاقي حڪومت 13 مارچ تي ميٽنگ گهرائي ان سان هنن جي غير سنجيده رويي جو پتو پوي ٿو ته هو عوام جي جان و مال بچائڻ ۾ ڪيتري حد تائين دلچسپي رکن ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته توهان ته ان وائرس سان گڏ ڊگهو عرصو گذارڻو پوندو ۽ سمورا ادا ۽ ڪاروباري مرڪز ايس او پيز تحت ئي کوليا ويندا.